ناروي ۽ انگلينڊ جي شاندار فتح، برازيل ۽ ميڪسيڪو ٽورنامينٽ مان ٻاهر

ناروي ۽ انگلينڊ جي شاندار فتح، برازيل ۽ ميڪسيڪو ٽورنامينٽ مان ٻاهر

ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)نيويارڪ نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ ناروي پنج ڀيرا عالمي چيمپئن رهندڙ برازيل کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي. جڏهن ته ميزبان ميڪسيڪو جي هوم گرائونڊ تي 7 هزار سامونڊي سطح کان مٿي اونچائي تي ٺاهيل ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ انگلينڊ ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان شڪست ڏئي ڪوارٽر فائينل ۾ پهتي، جتي هاڻي سندن مقابلو ناروي سان ٿيندو. هي اسٽيڊيم ميڪسيڪو لاءِ لڪي رهيو آهي جتي 89 ميچز ۾ کين 2 ڀيرا شڪست ٿي آهي.
ناروي ۽ برازيل جو مقابلو
ناروي جي اسٽار اسٽرائيڪر ارلنگ هالينڊ جي سونهري وارن وارري چوٽي عام طور فٽبال جي ميدان ۾ سڀ کان آسانيءَ سان سڃاڻپ ۾ ايندي آهي. جنهن کي انگلينڊ جا اڪثر اڳوڻا رانديگر ايندڙ ميچ ۾ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏئي رهيا آهن.
ارلنگ هالينڊ گهڻو ڪري پوري رفتار سان خالي جڳهن ڏانهن ڊوڙندو نظر ايندو آهي ۽ مخالف محافظ سندس پويان ڊوڙندا رهندا آهن. آچر واري ميچ ۾ صورتحال ڪجهه مختلف هئي، پر ان باوجود هن ٻه گول ڪري ناروي کي برازيل خلاف 2-1 جي فتح ڏياري ۽ ٽيم کي پنهنجي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچائي ڇڏيو. ناروي جي گول ڪيپر اورلان نائيلينڊ پهرين هاف ۾ برازيل کي مليل پينالٽي اسٽروڪ، جيڪو بورنو ڪڪ هنئي اها روڪي برازيل جي حامين کي حد کان وڌيڪ مايوس ڪيو. بعد ۾ 67 هين منٽ ۾ نيمار ميدان ۾ لٿو ته اسٽيڊيم نيمار جي نعرن سان گونجي پيو، هن بعد ۾ هڪ گول ڪري پنهنجي حامين کي اميد ڏياري پر تيسين ڪافي دير ٿي چڪي هئي.
25 ورهين جي هالينڊ کي آخري 16 واري هن مقابلي ۾ پينالٽي ايريا اندر رڳو چار ڀيرا بال کي ڇهڻ جو موقعو مليو، پر انهن مان هڪ موقعي تي هن 79هين منٽ ۾ پهريون گول ڪري ميچ جو تالو ٽوڙيو.
11 منٽن کانپوءِ هن پينالٽي ايريا کان ٻاهران هيٺاهين شاٽ ذريعي پنهنجو ٻيو گول ڪيو، جنهن سندس قاتلاڻي فِنشنگ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو. ان سان گڏ هن ستن گولن سان گولڊن بوٽ جي ڊوڙ ۾ ليونل ميسي ۽ ڪيليان ايمباپي جي برابر اچي ويو.
بي بي سي ريڊيو 5 لائيو تي اڳوڻي اسڪاٽلينڊ ونگر پيٽ نيون چيو، “اهڙو گول ٻيو ڪو رانديگر نٿو ڪري سگهي. اتي ته اڌ موقعو به نه هو، پر هن گول ڪري ڏيکاريو.”
آئي ٽي وي تي اڳوڻي انگلينڊ اسٽرائيڪر آئن رائيٽ چيو، “ماڻهو هميشه ڳالهائيندا آهن ته هالينڊ کي ڪيترا ٽچ ملن ٿا، پر هن کي گهڻن ٽچز جي ضرورت ئي نٿي پوي.”
هالينڊ جهڙو ميچ جو رخ بدلائيندڙ رانديگر موجود هجڻ سبب ناروي کي يقين آهي ته هاڻي هر شيءِ ممڪن آهي. بي بي سي ون تي اڳوڻي انگلينڊ ڪپتان وين روني چيو، “هالينڊ سڄي ملڪ کي اهو يقين ڏنو آهي ته هو هن ٽورنامينٽ ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃي سگهن ٿا.”
ناروي لاءِ هالينڊ جا حيرت انگيز انگ اکر
هالينڊ اڳ ۾ ئي قومي ٽيم لاءِ مولدووا خلاف پنج گول ڪري چڪو آهي ۽ پنج هيٽ ٽرڪون به پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي. اڳوڻي انگلينڊ محافظ گيري نيوائيل چيو، “هالينڊ هڪ وڏي شخصيت آهي. ماڻهو چوندا هئا ته هن عالمي سطح تي پاڻ کي ثابت ناهي ڪيو، پر هاڻي اها ڳالهه ختم ٿي وئي.”
هالينڊ ورلڊ ڪپ جي چئن ميچن ۾ ست گول ڪري دنيا جي سڀ کان وڏي اسٽيج تي پنهنجي قابليت ثابت ڪري ڇڏي آهي. گروپ مرحلي ۾ هن عراق ۽ سينيگال خلاف ٻه ٻه گول ڪيا، جڏهن ته فرانس خلاف 4-1 جي شڪست واري ميچ ۾ کيس آرام ڏنو ويو هو.
آخري 32 مرحلي ۾آئيوري ڪوسٽ خلاف دير سان ڪيل فاتحانه گول کانپوءِ برازيل خلاف سندس ٻٽي ڪاميابي ناروي لاءِ وڌيڪ اهم ثابت ٿي. هالينڊ قومي ٽيم لاءِ 54 ميچن ۾ 62 گول ڪري چڪو آهي، يعني هر 71 منٽن ۾ هڪ گول. انهن مان رڳو ڇهه گول پينالٽي تي ڪيل آهن.
مانچسٽر سٽي ايف سي جو هي اسٽرائيڪر هاڻي ناروي لاءِ لڳاتار 14 مقابلي وارين ميچن ۾ گول ڪري چڪو آهي، جنهن دوران هن 27 گول ڪيا آهن.
هالينڊ بمقابله گيبريل
ميچ کان اڳ برازيل ۽ آرسنل ايف سي جي محافظ گيبريل ماگالهيس۽ ارل هالينڊ جي مقابلي بابت گهڻي چرچا هئي. پهرين هاف ۾ گيبريل کيس گهڻو قابو ۾ رکيو، جتي هالينڊ کي پينالٽي ايريا اندر صرف هڪ ڀيرو بال مليو، پر جيئن ئي ميچ کلي، هالينڊ کي جڳهه ملي وئي ته برازيل ان جي قيمت ادا ڪئي.
پهرئين گول تي هالينڊ گيبريل کي شڪست ڏئي هيڊر سان گول ڪيو، جڏهن ته ٻئي گول وقت گيبريل رڳو بي وسي ۾ کيس تڪيندو رهجي ويو. سڄي ميچ دوران هالينڊ صرف 30 ڀيرا بال کي ٽچ ڪيو، جيڪو انگ سندس ساٿي اينتونيو نوسا جيترو هو، جنهن کي هاف ٽائيم تي تبديل ڪيو ويو هو.
اڳوڻي آرسنل محافظ ميٽ اُپسن چيو، “ڇا هالينڊ کي ڪڏهن گهڻا ٽچ ملندا آهن؟ نه. هن جو انداز ئي اهو آهي ته هو اهم لمحن ۾ سامهون اچي ميچ جو رخ بدلائي ڇڏيندو آهي.”
ناروي جي تاريخ جو يادگار ڏينهن
ميچ شروع ٿيڻ کان گهڻو اڳ هزارين ناروي جا مداح وائڪنگ ٽوپيون پائي، وڏا ڳاڙها جهنڊا کڻي ۽ گيت ڳائيندي اسٽيڊيم ٻاهران گڏ ٿي ويا هئا. هنن ۾جوش ته هو، پر ان کان وڌيڪ کين پنهنجي ٽيم تي اعتماد هو. ڪيترن سالن تائين ناروي عالمي معيار جا رانديگر پيدا ڪرڻ باوجود وڏن ٽورنامينٽن کان پري رهيو.
هي سندس ورلڊ ڪپ ۾ صرف چوٿون ظهور آهي ۽ 1998 کانپوءِ پهريون. ان کان اڳ سندس بهترين ڪارڪردگي 1938 ۽ 1998 ۾ آخري 16 مرحلو هئي.
گذريل اڱاري کان اڳ ناروي ڪڏهن به ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ ميچ نه کٽي هئي، پر هاڻي هن لڳاتار ٻه ناڪ آئوٽ ميچون کٽي ورتيون آهن، جن مان تازي فتح پنج ڀيرا جي عالمي چيمپيئن برازيل خلاف آئي. ناروي جو هاڻي انگلينڊ سان ڪوارٽر فائينل ميچ 11 جولءِ تي ميامي ۾ ٿيندو.
انگلينڊ ۽ ميڪسيڪو جو مقابلو
انگلينڊ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ هينئر تائين پنهنجي بهترين راند پيش ڪندي، ايسٽاڊيو ازٽيڪا جي جذباتي ۽ پرجوش ماحول ۾ ميزبان ميڪسيڪو کي ڊرامائي مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڪوارٽر فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي، جتي هاڻي سندس مقابلو ناروي سان 11 جولاءِ تي ميامي ۾ ٿيندو.
سخت طوفاني برساتن سبب هڪ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيندڙ هن يادگار مقابلي ۾ ڪوچ ٿامس ٽوخل جي ٽيم ٻئي هاف جي شروعات ۾ جيريل ڪوئنشا کي ريڊ ڪارڊ ملڻ باوجود 10 رانديگرن سان به شاندار راند پيش ڪندي تازن سالن جي پنهنجي بهترين فتحن مان هڪ حاصل ڪئي.
ميڪسيڪو پنهنجو مضبوط قلعو سمجهجندڙ ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل 89 مقابلي وارين ميچن مان صرف ٻه هارايون هيون، پر انگلينڊ شروعات کان ئي پرسڪون ۽ منظم راند سان ڪنٽرول سنڀالي ورتو. پهرين هاف جي پڄاڻي کان اڳ صرف 98 سيڪنڊن جي وقفي ۾ جُوڊ بيلنگهم ٻه گول ڪري پنهنجي ٽيم کي مضبوط برتري ڏياري.
انگلينڊ جي گول ڪيپر جورڊن پڪفورڊ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي رائول جيمينز جا ٻه يقيني گول بچائي ورتا، پر هو هاف ختم ٿيڻ کان ٽي منٽ اڳ جولين ڪوئنونز جي زوردار شاٽ کي روڪي نه سگهيو، جنهن سان ميڪسيڪو هڪ گول واپس ڪيو.
ميڪسيڪو کي پنهنجي مداحن جي زبردست حمايت حاصل هئي، ۽ شور وڌيڪ وڌي ويو جڏهن ڪوانساهه کي جيسوس گالارڊو تي خطرناڪ ٽيڪل ڪرڻ سبب ريڊ ڪارڊ ڏيکاريو ويو.
تنهن هوندي به انگلينڊ ٻيهر ٻن گولن جي برتري حاصل ڪري ورتي، جڏهن هيري ڪين پينالٽي تي ٽيون گول ڪيو. اها پينالٽي تڏهن ملي، جڏهن اينٿوني گورڊن کي ميڪسيڪو جي گول ڪيپر رائول رينجيل ڪيرائي ڇڏيو.
جڏهن انگلينڊ کي لڳو ته ميچ تي سندس ڪنٽرول بحال ٿي ويو آهي، تڏهن هيري ڪين پنهنجي ئي پينالٽي ايريا ۾برائن گوئتريز جي پير تي لت هڻي ويٺو، جنهن تي ريفري ٻي پينالٽي ڏني ۽ رائول جيمينيز ان کي گول ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
ميچ جي آخري مرحلي ۾ شديد دٻاءُ هيٺ، ٿامس ٽوخل 3 تبديليون ڪيون ۽ پنج محافظن واري حڪمت عملي اختيار ڪئي، جنهن سان انگلينڊ 11 منٽن جي اضافي وقت کي ڪاميابي سان منهن ڏئي يادگار فتح پنهنجي نالي ڪئي.
ميڪسيڪو جي ڏکئي ماحول ۾ انگلينڊ جي پختگي
انگلينڊ کي چڱيءَ ريت خبر هئي ته هن تاريخي اسٽيڊيم ۾ کيس ڪهڙي قسم جي ماحول کي منهن ڏيڻو پوندو، ڇاڪاڻ⁠ته هن مقابلي کي ميڪسيڪو جي فٽبال تاريخ جو سڀ کان وڏو ميچ قرار ڏنو ويو هو.
ٽوخل جي ٽيم 7 هزار فوٽن کان وڌيڪ اوچائيءَ تي موجود هن اسٽيڊيم جي انتهائي ڏکئي ماحول ۾ ذهني پختگي، اعليٰ معيار ۽ بهادريءَ سان راند پيش ڪئي، جيڪا ايندڙ مرحلن لاءِ ٽيم جو اعتماد وڌيڪ مضبوط ڪندي.
انگلينڊ جي اهم رانديگرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، خاص طور جوڊ بيلنگهم، جنهن نه رڳو ٻه گول ڪيا، پر هاف ختم ٿيڻ کان ٿورو اڳ سيزر مونٽس جي هڪ يقيني گول کي آخري لمحي ۾ بهترين ٽيڪل سان روڪي پنهنجي ٽيم کي 2-2 ٿيڻ کان بچايو.
اضافي وقت جي 11 منٽن دوران جڏهن ميڪسيڪو مسلسل حملن ۾ مصروف رهيو، تڏهن انگلينڊ جي رانديگرن پنهنجي جسمن کي داءُ تي لڳائي دفاع ڪيو ۽ آخرڪار هڪ تاريخي فتح حاصل ڪئي.
جورڊن پڪفورڊ پنهنجي بهترين فارم ۾
انگلينڊ جي گول ڪيپر جورڊن پڪفورڊ هن ورلڊ ڪپ دوران ڪجهه موقعن تي غير يقيني نظر آيو هو، خاص طور آخري 32 مرحلي ۾ ڪانگو خلاف 2-1 جي فتح دوران، پر ازٽيڪا اسٽيڊيم ۾ هن پنهنجي بين الاقوامي ڪيريئر جي بهترين ڪارڪردگي پيش ڪئي.
ايورٽن ايف سي سان تعلق رکندڙ پڪفورڊ پنهنجي ورلڊ ڪپ ڪيريئر جي 17هين ميچ کيڏي، جنهن سان هن پيٽر شلٽن جو انگلينڊ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ورلڊ ڪپ ميچون کيڏڻ وارو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
هن شروعات ۾ رائول جيمينيز جي هيڊر کي کاٻي پاسي ڊائيو هڻي بچايو، پوءِ پهرين هاف جي آخر ۾ ساڳئي رانديگر جي خطرناڪ ڪوشش کي به شاندار جمپ هڻي ناڪام بڻايو.
پوري ميچ دوران پڪفورڊ پنهنجي پينالٽي ايريا ۾ ايندڙ هر بال تي مڪمل ڪنٽرول رکيو، خاص طور آخري لمحن ۾ سندس اعتماد ۽ بهادري انگلينڊ جي يادگار فتح جو اهم سبب بڻيا.

پهنجو تبصرو موڪليو