نادرا زندهه نوجوان کي فوتي ڄاڻائي ووٽ خارج ڪري ڇڏيو!

نادرا زندهه نوجوان کي فوتي ڄاڻائي ووٽ خارج ڪري ڇڏيو!

پيرجوڳوٺ (ن س)نادرا انتظاميه جي نااهلي، پريالوء جي نوجوان غلام مصطفي پٽ علي ڏنو اوڍو کي فوتي ڄاڻائي ووٽرلسٽ مان سندس ووٽ خارج ڪري ڇڏيو .متاثر نوجوان جو احتجاج دوران انصاف جو مطالبو. هن صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو ووٽ جنهن جو ڳڻپ نمبر 334010503 هو جيڪو ديهه الرا چڪ نمبر 1 ٽائون ڪاميٽي پريالوء ۾ داخل هيو، اهو  نادرا انتظاميه پنهنجي نااهلي سبب مون کي فوتي ڄاڻائي ووٽ خارج ڪري ڇڏيو آھي. هن اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ڪرڻ جو ۽ نااهل نادرا انتظاميه خلاف ڪاروائي ڪرڻ  جو مطالبو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو