نئن صوبن جي ايجنڊا ناهي، اهو ئي سسٽم ڪامياب آهي ۽ رهندو

نئن صوبن جي ايجنڊا ناهي، اهو ئي سسٽم ڪامياب آهي ۽ رهندو

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي مشير برائي سياسي امور سينيٽر رانا ثناءُ الله آزاد ڪشمير جي چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏيندي چيو ته مسلم ليگ (ن) آزاد ڪشمير ۾ پنهنجي حڪومت ٺاهيندي، نئن صوبن جي ڪا ڳالهه ايجنڊا تي ناهي، سسٽم ڪامياب آهي. وزيراعظم جي مشير رانا ثناءُ الله نجي ٽي وي سان گفتگو ڪندي چيو ته پنجاب ۾ ترقيءَ تي آزاد ڪشمير جي ماڻهن ن ليگ کي ووٽ ڏنو، پيپلز پارٽي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ به پروپئگينڊا ڪندي داخل ٿي، اميد آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن جي ايندڙ مرحلي ۾ 10 سيٽن مان 7 اسان کٽي وينداسين، آزاد ڪشمير چونڊن جي ٽئين مرحلي کانپوءِ پيپلز پارٽي نتيجن کي قبول ڪندي. هن چيو ته بلاول ڀٽو کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته اهي اليڪشن فري ۽ فيئر ٿيا آهن، ن ليگ آزاد ڪشمير ۾ اتحادي نه پر پنهنجي حڪومت ٺاهيندي.نئن صوبن بابت سوال تي رانا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ن ليگ جو اهڙو ڪو اجلاس ناهي ٿيو جنهن ۾ نئن صوبن بابت واضح موقف اختيار ڪيو ويو هجي، نئن صوبن بابت ڪا ڳالهه هن وقت ايجنڊا تي ناهي، پارلياماني جمهوري نظام ۽ 1973ع جي آئين ۾ ڪا ڪمي ناهي، اهو ئي نظام گذريل 50، 60 سالن کان پوري ملڪ کي سنڀالي بيٺو آهي، ڪيترائي مسئلا آيا، مارشل لا ۽ آمريت به آئي، آئين ملڪ ۽ وفاق کي جوڙي رکيو. رانا ثناءُ الله جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن نظام ۾ ڪمي ناهي، ڪمي اسان ۾ آهي جو اسان ان آئين تي عمل ناهي ڪيو، اسان ان نظام ۽ آئين تي سچائيءَ سان عمل ڪنداسين ته اهو ڊليور ڪندو، اسان آئين جي خلاف ورزي ڪنداسين، نظام کي جڪڙي رکنداسين ته اهو ڪم ڪيئن ڪندو، اهو ئي سسٽم ۽ اهو ئي آئين اڌ صديءَ تائين ڪامياب رهيو، اڳتي به ڪامياب رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو