مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ عدالت پاران نوٽيس جاري

مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ عدالت پاران نوٽيس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلدياتي ادارن جون چونڊون ڪرائڻ بابت داخل درخواست تي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، صوبائي اليڪشن ڪمشنر،  سنڌ حڪومت،  مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 7 فيبروري تي جواب طلب ڪري ورتو آهي. عدالت اهڙو حڪم ايڊوڪيٽ محمود اختر نقوي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. داخل ڪيل درخواست ۾ سندس پاران اهو  موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سڄي سنڌ ۾  مڪاني ادارن جو نظام پنهنجو مدو پورو ڪري چڪو آهي. ڪراچي جي  ميئر، ڊپٽي ميئر، ڪائونسلر، چيئرمين ۽ ٻين غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽  مڪاني ادارن وارو کاتو ڄاڻي واڻي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون  چونڊون نه ڪرائي رهيو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري کي سنڌ ۾ فوري طور تي مڪاني ادارا ٽوڙي نين چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته جيئن اليڪشن ڪميشن 120 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائي. سنڌ حڪومت جا وزير ميڊيا تي چئي رهيا آهن ته چونڊون 30 آگسٽ 2020ع تي ڪرايون وينديون. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بلدياتي چونڊون نه ٿيڻ سبب عوام جي بنيادي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته بلدياتي نمائندا پنهنجو مدو پورو ڪري چڪا آهن تنهن ڪري ڪراچي جي ميئر سميت ڊپٽي ميئر ۽ ٻين کي ڪم ڪرڻ کان روڪي بلدياتي ادارن ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو