مڇي،گوشت مارڪيٽ آڪڙا ۽ جوا جي سرگرمين ۾ تبديل

مڇي،گوشت مارڪيٽ آڪڙا ۽ جوا جي سرگرمين ۾ تبديل

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو ۾ شھرين جي سھولت لاء ڪروڙين روپين جي لاڳت سان ٺھرايل مڇي، گوشت ۽ سبزي مارڪيٽون عوام کي ڪوبہ فائدو نہ ڏئي سگھيون، شاھي بازار ۾ قائم مڇي گوشت ۽ سبزي مارڪيٽون آڪڙا جوا ۽ ٻين ڪاروباري سرگرمين ۾ تبديل، مڇي، گوشت ۽ سبزي فروشن پنڃاري پل، پارڪ روڊ، بس اسٽاپ ۽ شھر جي مختلف چوراھن تي سندل ۽ ريڙھا رکي شھر جو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو، شاھي بازار ۽ ان سان گڏ مڇي گوشت مارڪيٽن ۾ شھرين جي نہ اچڻ سبب ڪاروبار کي ھٿي ملڻ واريون سموريون رونقون ختم ٿي ويون آھن، جڏھن تہ ڪروڙين روپين جي ماليت سان ٺھرايل مڇي گوشت ۽ سبزي مارڪيٽون درزين، آڪڙا جوا سميت ٻين ڪاروباري ماڻھن کي مسواڙ طور ڏنيون ويون آھن، دڙو جي شھرين ۽ واپاري ايسوسيشن جي صدر نظير سومرو، نظام ميمڻ، سيف فاضلاڻي، شڪيل عباسي، قادر ميمڻ ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ دڙو ٽائون ڪميٽي ڪروڙين روپين جي ماليت سان مڇي گوشت ۽ سبزي مارڪيٽ جون بلڊينگون ٺھرائي ڇڏيون آھن، پر انتظامي ۽ قانوني رٽ نہ ھئڻ سبب انھن مارڪيٽن ۾ ڪير بہ ويھڻ لاء تيار ناھي، مڇي گوشت ۽ سبزي فروشن پنڃاري پل، پارڪ روڊ، بس اسٽينڊ، قاسمي مسجد روڊ سميت شھر جي مختلف چوراھن تي سندل ۽ ريڙھا رکي مڇي گوشت ۽ سبزيون وڪرو ڪري رھيا آھن، جنھن سبب شاھي بازار ۾ ھلندڙ مختلف ڪاروبار ختم ٿي ويا آھن، ڪوبہ ماڻھو شھر ۾ اچڻ لاء تيار ناھي، تہ ٻئي پاسي پنڃاري پل بس اسٽاپ ۽ مُک مين روڊ تي مڇي سبزي مارڪيٽون قائم ھئڻ ۽ حددخلين سبب اڪثر طور ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ بند رھي ٿو. ھنن سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر، اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپوربٺورو، دڙو ٽائون جي انتظاميا ۽ ٻين انتظامي عملدارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ مارڪيٽن کان ٻاھر ويٺل سمورن مڇي گوشت ۽ سبزي فروشن کي مارڪيٽن اندر منتقل ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو