ميڪسيڪو، گوئٽي مالا ۽ ايل سلواڊور ۾ 7.3 شدت جو زلزلو

ميڪسيڪو، گوئٽي مالا ۽ ايل سلواڊور ۾ 7.3 شدت جو زلزلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ميڪسيڪو جي ڏاکڻي علائقي ۾ جمعي ڏينهن آيل هڪ طاقتور زلزلي جا لوڏا ٻن پاڙيسري ملڪن گوئٽي مالا ۽ ايل سلواڊور تائين محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته آمريڪي جيولوجيڪل سروي (USGS) ان جي شروعاتي شدت 7.3 رڪارڊ ڪئي آهي.
يو ايس جي ايس موجب زلزلي جو مرڪز ميڪسيڪو جي ساحلي رياست چياپاس جي شهر اڪويلس سيردان کان لڳ ڀڳ 48 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ واقع هو.
زلزلي سبب ساحلي علائقن ۾ وچولي کان شديد نوعيت جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. پئسفڪ سونامي وارننگ سينٽر خبردار ڪيو آهي ته زلزلي جي مرڪز کان 300 ڪلوميٽر جي دائري اندر خطرناڪ سونامي لهرون پيدا ٿيڻ جو امڪان موجود آهي. اداري موجب گوئٽي مالا ۽ ميڪسيڪو جي سامونڊي ڪنارن تي سمنڊ جي عام سطح کان هڪ ميٽر تائين اوچيون لهرون اڀري سگهن ٿيون.
جڏهن ته بعد ۾ گوئٽي مالا جي زلزلي بابت اداري چيو ته سونامي جو خطرو تمام گهٽ آهي.
ميڪسيڪو جي بحريه واري وزير ريمنڊو پيڊرو مورالس اينخليس چيو ته زلزلي کانپوءِ ملڪ ۾ “ڪو وڏو مسئلو پيش نه آيو آهي.”
هن صدر ڪلاوڊيا شينبام جي روزاني پريس بريفنگ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو: “ڪنهن به هنڌ تي وڏو نقصان ناهي ٿيو. البته سامونڊي حالتن جي حوالي سان ڪجهه ساحلن تي پاڻي جي سطح زلزلي سبب اڌ ميٽر تائين وڌي سگهي ٿي، تنهنڪري عوام کي في الحال ساحلن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي وڃي ٿي.”
چياپاس سول پروٽيڪشن موجب زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڄڻا زخمي ٿيا آهن. هڪ شخص عمارت جي ٽئين ماڙ تان ٽپو ڏيڻ سبب زخمي ٿيو، جڏهن ته ٻيو ڪار شوروم ۾ دروازو ڪرڻ سبب زخمي ٿيو. اختيارين گئس جي رساءَ، ڀتين جي ڪرڻ، ڇت جا پينل الڳ ٿيڻ، عمارتن ۾ ڏار پوڻ ۽ ٻين معمولي ڍانچي نقصانن جي رپورٽن تي به ڪارروائي ڪئي آهي.
ميڪسيڪو جي رياست اوآخاڪا جي گورنر سالومون جارا ڪروز چيو ته صوبي جي گادي واري شهر ۾ زلزلي جا “وچولي شدت” وارا لوڏا محسوس ڪيا ويا، پر هيل تائين “ڪنهن به وڏي نقصان” جو اطلاع ناهي مليو.
گوئٽي مالا جي صدر برنارڊو آريوالو چيو آهي ته هيل تائين ڪنهن به فوتگي جي رپورٽ سامهون ناهي آئي، جڏهن ته هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ امدادي منصوبا لاڳو ڪيا پيا وڃن.
ٻئي طرف ايل سلواڊور جي فائر کاتي به ٻڌايو آهي ته هيل تائين ملڪ ۾ زلزلي سبب ڪنهن به قسم جي نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

پهنجو تبصرو موڪليو