ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ) فٽبال جي عالمي ڪپ ۾ 32 جي مرحلي ۾ آخري ٽن ميچز جو به فيصلو ٿي ويو، جيڪي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات کيڏيا ويا. جن ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپ مقابلو آمريڪي شهر ميامي ۾ پاڪستاني وقت موجب رات 3 وڳي ارجنٽينا ۽ ڪيپ وردي ۾ ٿيو، ميچ ته اضافي وقت ۾ عالمي ڪپ ڊفينڊر ميسي جي ٽيم ٻن گولن جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان کٽي وئي پر جنهن نموني دنيا جي نقشي تي گمنام رهندڙ ڪيپ وردي جي ٽيم کين ٽف ٽائيم ڏنو، ان بابت دنيا جا اڪثر وڏا فٽبالر چون ٿا ته هو ميچ هارائي به دنيا جون دليون کٽي ويا آهن. ٻيو ميچ آسٽريليا ۽ مصر ۾ ڊيلس ۾ رات 11 هين وڳي کيڏيو ويو جيڪو مصر جي ٽيم کٽي آسٽريليا کي ٽورنامينٽ کان آئوٽ ڪري ڇڏيو. هي به تمام ٽف ميچ هو جنهن جو فيصلو اضافي ٽائيم ۾ به نه ٿي سگهيو ۽ آخر ڪاري پينالٽي اسٽروڪس تي محمد صلاح جي ٽيم ٻن جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان کٽي پري ڪوارٽر فائينل ۾ پهچي وئي. ٽيون ميچ ڪولمبيا ۽ گهانا ۾ ڇنڇر جي صبح ساڍي ڇهين وڳي ڪنساس اسٽيڊيم آمريڪا ۾کيڏيو ويو، جيڪو ڪولمبيا زيرو جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان کٽي ورتو. اجنهن بعد 3 مٿي ڄاڻايل فاتح ٽيمن سميت ايندڙ مرحلي جي 16 ٽيمن جو فيصلو ٿي ويو. هن کان اڳ جيڪي 13 ٽيمون ناڪ آئوٽ رائونڊ ۾ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿيون آهن انهن ۾ جرمني کي پيراگوئي 3 جي ڀيٽ ۾ 4 گولن تان شڪست ڏئي ناڪ آئوٽ ڪيو، سوئيڊن کي فرانس زيرو جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان هارايو، ڏکڻ آفريڪا ڪکي ڪينيڊا زيرو جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني، هالينڊ کي مراڪش 2 جي ڀيرٽ ۾ 3 گولن تان هارايو، ڪروشيا کي هڪ جي ڀيٽ ۾ رونالڊو جي پرتگال 2 گولن تان هارايو، آسٽريا کي اسپين زيرو جي ڀيٽ ۾ 3 گولن تان هارايو، بوزنيا هرزگوينيا کي آمريڪا زيرو جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان هارايو، سينيگال کي بيلجيم ٻن جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان هارايو، جاپان کي برازيل هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏني، آئيوري ڪوسٽ کي ناروي هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان هارايو، ايڪواڊور کي ميڪسيڪو زيرو جي ڀيٽ 2 گولن تان هارايو ۽ ڊي آر ڪانگو کي انگلينڊ هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان هارائي 16 ٽيمن جي ڪوارٽر فائينل مرحلي ۾ پهتي آهي. ڇنڇر 4 جولاءِ کان 16 ٽيمن ۾ 8 ميچ ٿيندا ۽ ڪوارٽر فائينل لاءِ 8 ٽيمون اڳتي وينديون.
ورلڊ ڪپ جي آخري 16 مرحلي جي ميچز جو شيڊول
ڪينيڊا بمقابله مراڪش: 4 جولاءِ، ڇنڇر، هوسٽن اسٽيڊيم، شام ڏهين وڳي پاڪستاني وقت موجب. پيراگوئي بمقابله فرانس: 4 جولاءِ، ڇنڇر، فلاڊيلفيا اسٽيڊيم ، رات 2 وڳي پاڪستاني وقت موجب. برازيل بمقابله ناروي: 5 جولاءِ، آچر، نيويارڪ/نيو جرسي اسٽيڊيم، رات 12 هين وڳي، پاڪستاني وقت موجب. ميڪسيڪو بمقابله انگلينڊ: 5 جولاءِ، آچر، ميڪسيڪو سٽي اسٽيڊيم، سومر 6 جولاءِ جي رات 12:00 وڳي (GMT)پر ان وقت طوفان ۽ بارش جي خطري سبب هي ميچ 6 ڪلاڪ اڳ ۾ کيڏي ويندي. پرتگال بمقابله اسپين: 6 جولاءِ، سومر، ڊيلس اسٽيڊيم،رات 12 وڳي پاڪستاني وقت موجب. آمريڪا بمقابله بيلجيم: 6 جولاءِ، سومر، سيئٽل اسٽيڊيم، اڱاري 7 جولاءِ جي صبح 5 وڳي پاڪستاني وقت موجب. ارجنٽينا بمقابله مصر: 7 جولاءِ، اڱارو، ائٽلانٽا اسٽيڊيم،رات 9 وڳي پاڪستاني وقت موجب. سوئٽزرلينڊ بمقابله .ڪولمبيا: 7 جولاءِ، اڱارو، بي سي پليس، وينڪوور، رات 8:00هڪ وڳي پاڪستاني ٽائيم موجب.










