ميرپورخاص ۾  آئل ٽينڪر جو ڪار کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ميرپورخاص ۾ آئل ٽينڪر جو ڪار کي ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي

ميرپورخاص: (ن س) ميرپورخاص ڀرسان ٽنڊو جان محمد لڳ کاکڙ اسٽاپ تي مين روڊ تي آئل ٽينڪر ۽ ڪار وچ ۾ تيز رفتاري سبب آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت جڏهن ته 2 سخت زخمي ٿي پيا.حادثي ۾ نواب شاھ واسي ميڊيڪل ريپ 2 ڄڻا محمد احسن ۽ محمد اسد ٿڏي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ٻن ڄڻن مسب احمد ۽ سعود ڪمال جي حالت نازڪ هجڻ سبب کين رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو. زخمين جو تعلق ميرپورخاص سان ٻڌايو پيو وڃي زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پوليس موبائيل ذريعي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو جتان کين طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو