ميجر منگي کان ڦر، 5 جوابدارن تي ڪيس داخل

ميجر منگي کان ڦر، 5 جوابدارن تي ڪيس داخل

لکي غلام شاھ (نثارمنگي) اي ايس آءِ محمد يعقوب کوسو جي فرياد تي 5 هٿياربند ڦورن هرهڪ توفيق پٽ عبدالمجيد مهر, عرفان پٽ عثمان مهر ,وسيم  پٽ سڪندر مهر ,غلام سرور مهر ۽ عبدالقديرٻئي پٽ عبدالڪريم مهر تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ,ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ميجر ڪليم الله منگي شڪارپور کان سکر طرف پنهنجي ڀاءُ سان گڏ وڃي رهيو هو ته شر لاڙي وٽ پنجن هٿياربندن کيس هٿيارن جي زور تي روڪي هنن کان موبائل فونز ۽ روڪ رقم ڦرلٽ ڪئي ته پوليس جي پهچڻ شرط کين فرار ٿي ويا ۽ پوليس پنجن ئي جوابدارن کي گاڏي جي لائيٽ تي سڃاڻي ورتو  ,ٻئي طرف قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي ميجر کان ڦر ٿيل سامان 48 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لکي پوليس هٿ نه ڪري سگهي آھي.جڏھن ته ڏوهارن جي ڳوٺ ۽ مائٽ ھئڻ جي الزام ۾ ايس ايس پي شڪارپور پاران ڪوارٽر گهاٽ ڪيل پوليس اهلڪار اڪبر مهر ۽ عرفان مهر بدستور ٻئي ڏينهن به ڪوارٽر گهاٽ ٿيل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو