ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ پاڻي چورن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ جون تياريون ڪري ورتيون، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران اين اي ڪي اولڊ پمپنگ اسٽيشن کان صبا سئنيما ۽ گلشن معمار احسن آباد ۾ واقع واٽر بورڊ جي 84 انچ لائين جو مڪمل معائنو ڪندي لائين ۾ موجود سمورن غير قانوني ڪنيڪشنن ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ اينٽي ٿيفٽ سيل ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن کي سخت ھدايتون ڏيندي چيو تہ سمورن غير قانوني هائيڊرنٽس کي فوري طور ڊاهيو وڃي ۽ غير قانوني ڪنيڪشن ختم ڪيا وڃن ڇو تہ شهرين جي حصي جو پاڻي ڪنهن کي بہ چوري ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي، هن هدايتون ڏيندي چيو تہ پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن جو دائرو وسيع ڪيو وڃي، سي اي او واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ پاڻي چورن خلاف ڪارروائين جا اثر ايندڙ وقت ۾ نظر ايندا، ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن انڪري ان ڪري پاڻي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي عمران عبدالله، عامر خان، تنوير شيخ، صديق تنيو، عبدالعزيز، مشتاق احمد، حسنين عباس ۽ واٽر بورڊ جا ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا.










