موٽروي ريپ ڪيس، ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ، ڇاپا جاري

موٽروي ريپ ڪيس، ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ، ڇاپا جاري

لاهور ( بيورو رپوٽ)موٽر وي گينگ ريپ ڪيس جي ٻنهي جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي ۽ سندن گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.  پنجاب حڪومت مک جوابدار عابد ۽ سندس ساٿي وقار شاهه جي گرفتاري ۾ مدد ڪرڻ تي 25پنجويهه پنجويهه روپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Motorway rape victim accused, Photo Punjab Police

پنجاب جَي وڏي وزير عثمان بوزدار پريس ڪانفرسن دوران اهڙو اعلان ڪيو. ان موقعي تي قانون وارو وزير راجه بشارت، اطلاعات وارو وزير فياض الحسن چوهاڻ ۽ آءِ جي پنجاب انعام غني به موجود هئا. وڏي وزير چيو ته ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت  سزا ڏياري ويندي. عثمان بوزدار چيو ته 72 ڪلاڪن کان گهٽ وقت ۾ جوابدارن تائين پهتاسين، جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني ويندي، واقعي ۾ ملوث جوابدار رعايت جا مستحق ناهن. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته پوليس جون 28 ٽيمون لاهور موٽروي واقعي تي ڪم ڪري رهيون آهن، قانون تحت ڪارروائي ڪري جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، هڪ سوال تي عثمان بوزدار چيو ته سي سي پي او لاهور عمر شيخ غير مناسب بيان ڏنو، سي سي پي او لاهور کي 7 ڏينهن اندر وضاحت ڪرڻ لاءِ شوڪاز نوٽيس اماڻيو آهي، جواب اچڻ بعد قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. آءِ جي پنجاب انعام غني چيو ته گذريل رات 12 وڳي جوابدار عابد علي جي لاهور موٽر وي واقعي ۾ ملوث هجڻ جي تصديق ٿي، عابد علي جي پهرين ڊي اين اي ٽيسٽ ٿي هئي، جنهن سان نمونا ميچ ٿي ويا. عابد علي جي نالي 4 سمون هيون،جيڪو مختلف وقتن تي هو بند ڪري چڪو آهي. هن چيو ته جوابدار عابد علي جو تعلق بهاولنگر جي تعلقي فورٽ عباس سان آهي. آءِ جي پنجاب چيو ته جوابدار عابد علي هڪ سم ٻئي جي نالي تي استعمال ڪري رهيو هو،قلعي ستار شاهه ۾ ڇاپي دوران جوابدار عابد زال سميت زمينن ڏانهن فرار ٿي ويو، جوابدار وقار به گهر تي ڇاپي دوران فرار ٿي ويو، ان کان اڳ آءِ جي پنجاب چيو هو ته موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ في الحال ڪو به جوابدار گرفتاري ناهي ٿيو. هن سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو هو ته مختلف ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جوابدارن ۽ عورت جي شيئر ڪيل تصوير به جعلي آهي، ڪيس جي جاچ جي نگراني هو پاڻ ڪري پيو، ڪنهن ڪاميابي تي ميڊيا کي پاڻ آگاهه ڪندو، هن چيو ته غير تصديق ٿيل خبرون ڪيس تي اثرانداز ٿينديون آهن ۽ عوام جي لاءِ به گمراهه ڪندڙ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو