لاهور ( بيورو رپورٽ) لاهور موٽروي تي عورت سان ٿيل اجتماعي زيادتي واري واقعي جو مک جوابدار عابد ملهي کي فيصل آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته کيس لاهور منتقل ڪيو ويو آهي. جوابدار عابد ملهي جي گرفتاري جي پنجاب جي اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي. عابد ملهي جوابدار شفقت سان ملي 9 سيپٽمبر تي پيٽرول ختم ٿيڻ سبب مدد جي انتظار ۾ گاڏي ۾ ويٺل عورت کي سندس ٻارن جي سامهون ريپ ڪيو ويو هو. ٻن جوابدارن مان شفقت پهريان ئي جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ آهي. جوابدار عابد ملهي کي اڱاري تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس عابد ملهي جي گهرواري کي فون ڏنو جنهن تي عابد جي رابطي بعد زال سان گهر ملڻ اچڻ وقت بنا مزاحمت جي گرفتار ڪيو ويو. عابد ملهي هڪ مهيني کان فرار هو ۽ پوليس کي چڪما ڏئي رهيو هو. سندس والدين ۽ گهرواري گرفتار هئا پر پوليس سندس زال کي ٽريپ ڪري سندس مدد سان عابد کي گرفتار ڪيو.










