ٺٽو (رپورٽ جاويد ميمڻ) ايس ايس پي ٺٽو جناب عدیل حسین چانڊیو صاحب جي سخت ھدايتن تي ایس ایچ او ٿاڻو مڪلي انسپیڪٽر حاڪم علي کوسو ۽ اي ايس آءِ فيصل اعجاز اسٽاف دوران گشت تي ڳجهو اطلاع ملڻ تي ڳوٺ عيسيٰ جوکيو لنڪ روڊ مڪلي تي ڪامياب ڪارروائي ڪري بائيڪ سنيچنگ جي ڪيس ۾ ملوث 1 مرڪزي جوابدار جبار ولد غلام رسول خشڪ کي گرفتار ڪري ورتو۔ شروعاتي جانچ دوران جوابدار جي قبضي مان فريادي نبيل ميمڻ ۽ نعمان ميمڻ کان ڦر ٿيل سپر پاور موٽرسائيڪل برآمد ڪيون ويون آهن۔ انھيءَ کان علاوہ گرفتار جوابدار پنھنجي ساٿي جوابدارن سان گڏجي ٺٽو ۽ مڪلي ۾ متعدد وارداتن ۾ملوث ھجڻ جو اعتراف به ڪيو آھي جن جو ڪرمنل رڪارڊ پڻ طلب ڪيو پيو وڃي.وڌيڪ ريڪوري لاءِ پوليس رمانڊ حاصل ڪيو ويو آھي جانچ جاري آھي۔










