ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلز يونيورسٽي شهيد بينظير آباد ۾ مبينا طور تي تشدد جو نشانو بڻيل نرسنگ هائوس آفيسر پروين رند پيادل عدالت پهچي وئي. پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي شهيد بينظير آباد جي شاگردياڻي پروين رند سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ عدالت پهتي، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار غلام مصطفيٰ راڄپر کي اڃا تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي، سندس حمايت ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ڌيئرن کي قتل ڪري خودڪشي جو رنگ ڏنو وڃي ٿو، ڇوڪريون هاسٽلن ۾ خود ڪشيون نه ٿيون ڪن پر کين پنکن تي ٽنگيو وڃي ٿو. پروين رند جو چوڻ هو ته 3 عورتون سندس ڪمري ۾ داخل ٿيون، مٿس تشدد ڪيو، ڇڪتاڻ ڪئي، کيس سڄي يونيورسٽي آڏو قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انتظاميا کي شڪايت ڪئي پر ڪو به عمل نه ٿيو. هن چيو ته منهنجي زندگي خطري ۾ آهي ۽ مون کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، منهنجي هائوس جاب کي ٻئي شهر منتقل ڪيو وڃي، هائوس جاب هڪ مهينو پراڻي آهي، مان پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهيان ٿو.










