نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) امام انقلاب عبيدالله سنڌيء جو جنم ڏهاڙو سنڌ ساگر پارٽي پاران پريس ڪلب نوشھروفيروز ۾ ملهائي ڪيڪ ڪاٽيو ويو۔ جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ساگر پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان ساگر يوسف منگي۔ سڪندر کوسو۔ علي نواز سولنگي۔ خادم حسين مري۔ قاسم اسراڻ۔ اسد وسطڙو۔ امجد ميمڻ۔ خادم سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته مولانا عبيدالله سنڌي وطن۔ زبان۔ تاريخ۔ تهذيب۔ قومي روايتن ۽ سياسي اقتصادي مفادن جي بنيادن تي قوم جو تصور ڏنو۔ سندس جدوجهد ۽ ريشمي رومال جي تحريڪ تاريخ جو حصو آھن۔ هنن چيو ته حر تحريڪ ۾ عبيدالله سنڌي سورهيه بادشاه سان مسلسل 22 ڏينهن مڪي جي هوٽل جي ڪمري ۾ تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاء گڏجاڻيون ڪيون۔ عبيدالله سنڌي جلاوطني دوران افغانستان۔ روس۔ ترڪي ۽ مڪي ۾ انقلابي جدوجهد جاري رکي۔ هنن چيو ته اڄ اسان ان مهان هستيء جي جنم ڏهاڙي تي کيس ياد ڪري پنهنجو فرض نڀايو آھي۔ ان موقعي تي وزير احمد اڄڻ۔ عطا حسين سمون۔ شاهد چنه۔مشتاق مري۔ عبيدالله تڳر۔ مهر وسطڙو۔ نجيب الله تڳر۔ سهيل احمد راڄپر۔ سيد اظفر شاه۔ ثقلين اسراڻ ۽ ٻيا پڻ سالگره جي تقريب ۾ موجود هيا۔










