مولانا 19 مارچ کان تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو

مولانا 19 مارچ کان تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مولانا فضل الرحمان 19 مارچ تي لاهور کان “آئين پاڪستان تحفظ تحريڪ” جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اعلان هن اپوزيشن جي مطتلف جماعتن جي اڳواڻن جي اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ آفتاب احمد شيرپائو، مير حاصل بزنجو، محمود خان اچڪزئي، پروفيسر ساجد مير  ۽ مولانا انس نوراني شرڪت ڪئي. مولانا اپوزيشن جي ٻن وڏين جماعت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي دعوت نه ڏني هئي. اجلاس بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ مولانا چيو ته ٻنهي وڏين جماعتن آرمي ايڪٽ تي حڪومت جو ساٿ ڏئي ووٽ کي عزت ڏيو واري بياني جي کي پامال ڪيو ۽ ان جي نفي ڪئي. هن چيو ته پنجاب جي دل لاهور مان تحريڪ جي شروعات بعد چئني صوبن ۾ ڪنوينشن منعقد ڪيا ويندا ۽ آزادي جي تحريڪ کي اڳتي وڌايو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ٻئي جماعتون حڪومت کي ووٽ نه ڏين ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها. جڏهن کائنس پڇو ويو ته ڇا ٻنهي جماعتن کي دعوت ڏيندا ته هن چيو ته ڇا ان ئي عطار جي لونڊي کان دوا گهرنداسين؟ پيپلز پارٽي وڏو مايوس ڪيو آهي اسين پنهنجو رستو پاڻ ٺاهينداسين. هاڻي اسنجي تحريڪ چلهو ٻاريو هنن کي ڀڄايو هوندي، محمود خان اچڪزئي چيو ته اسين اڄ به نواز شريف جي ووٽ کي عزت ڏيو واري بياني سان گڏ آهيون پر مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز شريف کي ووٽ کي عزت ڏيندي ڏيندي اوچتو ڇا ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو