مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي اڳواڻن جي ضمانت منظور

مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي اڳواڻن جي ضمانت منظور

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد قائد اعظم يونيورسٽي جي مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري جي مقامي عدالت مان ضمانت منظور ڪري ورتي،قائد اعظم يونيورسٽي ۾ ٿيل جهڙي بعد مهراڻ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي صدر جاويد زهري جنرل سيڪريٽري بشارت بروهي کي پوليس گرفتار ڪيو هو جيڪي رمانڊ تي جيل حوالي ٿيل هئا اسلام آباد سنڌئيڙا ويلفئير ايسوسيئيشن طرفان پنهنجي ليگل ٽيم جي وڪيلن جي پينل دليپ دوشي، جسيم ڀٽو، قاسم سومرو، صلاح الدين ڀٽو، وحيد ميمڻ، فيض مهر کي قانوني معاونت لاء چيو جن ڪيس جي پيروي ڪئي عدالت ٻنهي شاگردن جي ضمانت منظور ڪري کين آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو