مهانگائي سٽيل عوام روڊن تي نڪري آئي،احتجاج،ڌرڻا

مهانگائي سٽيل عوام روڊن تي نڪري آئي،احتجاج،ڌرڻا

باڊھ (ن سنڌيار) ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو مهنگائي جا ماريل ماڻهو روڊن تي نڪري آيا باڊھ لڳ سامٽيا ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي ۽ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف اڳواڻن عاشق علي، چانڊيو عباس گاڏھي، قربان علي ڪانڌڙو، انور علي سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ راڌڻ لاڙڪاڻو مين روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو مظاهري دوران لاڙڪاڻو راڌڻ ويندڙ مين روڊ مڪمل طور تي بند ٿي ويو جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ طرف سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ھجڻ سبب ساريالي فصل جو مندائتو ٻيجارو به پوکجي نه سگهيو آهي جنهن ڪري ساريالي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو انديشو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو سخت پريشان آهن ته ٻئي طرف وفاقي حڪومت پاران بار بار پيٽرول جي قيمتن وڌائڻ سان ٽرانسپورٽ مالڪ گاڏين جي ڀاڙن ڪراون ۾ واڌ ڪري ٿا ڇڏين جهن ڪري منعافي کور واپارين عام واهپي جي شين سميت هر شئي جا ريٽ ٻيڻا ڪري آسمان سان لڳائي ڇڏيا آهن جنھن سبب غريب ماڻهو ٻه ٽائيم کاڌو کائڻ لاءِ به پريشان آهن مهنگائي غريب طبقي جي ماڻهن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آهي ۽ روز ڪمائي روز کائي ڏهاڙي دار مذدورن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ غريب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن ھنن چيف جسٽس پاڪستان ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته فورن سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ پيٽرول شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ملڪ ۾ وڌندڙ ڳاٽي ٽوڙ مهنگائي تي ڪنٽرول ڪري ملڪ جي غريب عوام کي بکون ڪاٽڻ کان بچائي بيچيني ختم ڪئي وڃين ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو