اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مهانگائي سبب عوام تي ٻيو بم ڪيرائڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون،سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) نيپرا کي بجلي جي قيمت ۾ 5 رپيا 62 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي،ذريعن موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي،نيپرا عملدارن جو چوڻ آهي ته سي پي پي اي جي درخواست جي ٻڌڻي 31 جنوري تي ٿيندي ۽ درخواست جي منظوري سان صارفين تي 49 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو.










