لاهور (ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز لاهور جي احتساب عدالت ۾ پيش، سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا.احتساب عدالت ۾ مني لانڊرنگ ڪيس تي شهباز شريف ۽ ٻين جي خلاف ٻڌڻي ٿي. شهباز شريف هڪ دفعو ٻيهر روسٽرم تي اچي ويو، فاضل جج شهباز شريف کان سوال ڪيو ته اوهان ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا، جنهن تي ليگي اڳواڻ چيو ته ميڊيڪل بورڊ ميڊيڪل رپورٽون ناهن ڏنيون، جيل وارن ٻڌايو ته اهي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيون آهن.ان تي فاضل جج جواب ڏنو ته هن درخواست تي اڄ ئي فيصلو ڪري ڇڏينداسين. اپوزيشن اڳواڻ چيو ته گذريل ٻڌڻي تي لاهور ۾ ويسٽ مينجمينٽ ڪمپني سميت ڪنهن به اداري منهنجي ڳالهين جي ترديد ناهي ڪئي. منهنجي خلاف لنڊن مان خبر ڇپرائي وئي جنهن خبر ڇپرائي ان جو نالو نه وٺندس.پنجاب ۾ برطانيه جي حڪومت سان ملي 5 ارب روپين جا مختلف پروگرام شروع ڪيا. شهباز شريف چيو ته ڊيلي ميل جڏهن خبر شايع ڪئي ته برطانيه جي حڪومت آچر جي ڏينهن آفيس کولي جاچ ڪئي. برطانيه ۾ آچر جي موڪل اهم هوندي آهي پر ان ڏينهن به آفيس کولي جاچ ڪئي وئي پر منهنجي خلاف ڪرپشن ثابت ناهي ٿي.ڊيلي ميل ۾ خبر شايع ڪري پاڪستان کي بدنام ڪيو ويو، منهنجي هر منصوبي ۾ پئسن جي بچت ملندي. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته نيب مني لانڊرنگ ڪيس ۾ الٽو به ٿي وڃي تڏهن به قيامت تائين منهنجي خلاف هڪ ٽڪي جي ڪرپشن ثابت نٿو ڪري سگهي.جنهن کان پوءِ عدالت نيب جي 2 گواهن جي بيانن تي وڪيلن کي جرح جي لاءِ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌيار سکر 21 سيپٽمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 21 سيپٽمبر 2024ع
پي ٽي آءِ کي مينار پاڪستان بدران ٻئي هنڌ تي جلسي جي اجازت
پارليمنٽ عوام بدران طاقتور جي خدمت ڪري پئي: فضل الرحمان
ججز ڪميٽي مان جسٽس منيب آئوٽ،جسٽس امين اِن،هم خيال جو تاثر وڌڻ لڳو
ڪراچي مان بين الصوبائي منشيات ڊيلر پيءُ ۽ ڌيءُ گرفتار
تمام جلد واٽس ايپ تبديل ٿي ويندو
عدالتي فيصلي تي مخصوص سيٽون الاٽ ڪيون وڃن، ڪي پي اسپيڪر
سنڌ جا 19 هزار 808 اسڪول برساتن سبب متاثر ، 7,503 مڪمل تباهه
شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 28 هين ورسي ملهائي پئي وڃي
وزيرستان ۾ جھڙپ، 12 خوارج مارجي ويا، 6 جوان شهيد
پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد
صدر جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس تي صحيح،فوري لاڳو
آرڊيننس تحت ججز ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي: تارڙ
پنجاب ۾ اليڪشن ٽربيونل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر
پي ٽي آءِ جلسو، ڊي سي جي لاهور پوليس کان رپورٽ طلب
ايف بي آر جي انفورسمينٽ سسٽم کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي
شهرين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي: عدالت
اسٽاڪ مارڪيٽ 82 هزار جي تاريخي حد پار ڪري ورتي
آءِ سي سي وفد جي نقوي سان ملاقات،انتظامن تي اعتماد