لنڊن (ويب ڊيسڪ)هيءَ انوکي نظر ايندڙ اليڪٽرڪ گاڏي ڪنهن اسپيس شپ جهڙي نظر اچي ٿي، پر اڏامڻ بدران روڊ تي هلي ٿي. هي 3 ڦيلر اصل ۾ سولر انرجي تي هلندو آهي ۽ ان کي ڪڏهن به وچولي استعمال تي چارج ڪرڻ جي ضرورت ناهي.گهٽ ۾ گهٽ اها دعويٰ آمريڪي ڪمپني Aptera Motors جي آهي. ان گاڏي کي الفا جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ نه رڳو سولر انرجي طاقت جو واحد ذريعو آهي پر ان کي برقي گاڏي وانگر ضرورت جي وقت چارج به ڪري سگهجي ٿو.هي گاڏي هڪ اليڪٽرڪ چارج تي 1000 ميلن تائين جو فاصلو طئي ڪري سگهي ٿي، پر ان جو دارومدار بيٽري پيڪ تي هوندو.










