ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 45 فوت

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 45 فوت

اسلام آباد ( رپورٽ الله و سايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 45 مريض فوت ٿي ويا  جڏهن ته 2هزار 417 نوان ڪورونا جا  ڪيس رپورٽ ٿيا آهن .پاڪستان ۾ ڪورونا جي شماريات جي ويب سائيٽ جي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 40هزار359 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار417 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس متاثر هجڻ جي تصديق ٿي.سرڪاري رپورٽ مطابق ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ڪل تعداد 10هزار 863  ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جو ڪل 5لک14هزار388 ٿي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 34هزار169 آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا کان 2هزار072 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن صحتمند ڪرڻ ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4 لک69هزار306 ٿي چڪو آهي.سرڪاري رپورٽ مطابق  سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک31هزار953 ٿي چڪو آهي جڏهن ته هينئر تائين 3هزار755 مريض فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک47هزار953 آهي ۽ 4 هزار370 مريض وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار515آهي ۽ مرڻ وارن جو تعداد 189آهي.خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا کان 62هزاراهي 719 ۽ 1هزار762 مريض فوت ٿي وياآهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار567 ڪورونا ڪيس ٿي چڪا آهن ۽ 237 ماڻهو فوت ٿيا آهن.گلگت بلتستان ۾4هزار882 ڪورونا ڪيس رڪارد ٿيا آهن ۽ 101 مريض فوت ٿي ويا آهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 39هزار749 آهي ۽ هن وقت تائين 449 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو