اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا سبب وڌيڪ 148 مريض ٿي ويا آهن جڏهن ته تقريبن ساڍا 5 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 47 هزار 301 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ گڏيل ڪورونا 19 ٽيستن جو انگ 11لک31هزار198 ٿي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 5 هزار 499 هاڪاري ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪورونا جي گڏيل مريضن جو انگ 7لک72هزار381 ٿي ويو آهي.سرڪاري انگن اکرن موجب هينئر تائين سنڌ ۾ 2 لک 74 هزار 196، پنجاب ۾ 2 لک 76 هزار 535، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 8 هزار 462، اسلام آباد ۾ 70 هزار 984، بلوچستان ۾ 21 هزار 127، آزاد ڪشمير ۾ 15 هزار 873 ۽ گلگت بلتستان ۾ 5 هزار 204 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب هن وقت ملڪ ۾ ڪورونا جي فعال مريضن جو انگ 83 هزار 162 ٿي ويو آهي. جڏهن ته 4 هزار کان وڌيڪ مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 148 مريض فوت ٿي ويا آهن. جنهن کان پوءِ هاڻ هن وبا سبب فوت ٿي ويل ماڻهن جو گڏيل طور تي انگ 16 هزار 600 ٿي ويو آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 5 هزار 480 مريض صحتياب ٿيا جنهن کان پوءِ صحتياب ٿيندڙ مريضن جو انگ 6لک27هزار619 ٿي ويو آهي.










