اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول موجود آهي.وزيراعظم شهباز شريف سان فن لينڊ جي ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير، توانائي وارو وزير، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ۽ ٻيا وزير پڻ موجود هئا.وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فنلينڊ ۽ پاڪستان جا دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.هن چيو ته اسان جي حڪومت سمورن منصوبن جي بروقت مڪمل ٿيڻ تي يقين رکي ٿي، منصوبن جي مڪمل ٿيڻ ۾ شفافيت کي نظر ۾ رکيو وڃي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ پروسيسنگ ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا شاندار موقعا موجود آهن.ملاقات ۾ قنلينڊ جي وفد توانائي، فوڊ پروسيسنگ ۽ زراعت جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.










