اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 1 مريض فوت ٿي ويو.ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ ملڪ گهڻي وقت کان 53هين نمبر تي آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح رڳو 0.71 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.،پاڪستان ۾ اڄ وڌيڪ 38 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 51 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 629 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 74 هزار 508 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 هزار 362 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 9 لک 9 هزار 417 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.










