ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 900 ميگا واٽ ٿي ويو

ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 900 ميگا واٽ ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو)سڄي ملڪ ۾ بجلي جو بحران جاري آهي، بجلي جو شارٽ فال 5 هزار 900 ميگا واٽ تائين پهچي ويو آهي.اين ٽي ڊي سي ذريعن موجب بجلي جي پيداوار 22 هزار 600 ميگا واٽ آهي جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي جي طلب 28 هزار 500 ميگا واٽ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ 4 کان 8 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.ليسڪو ذريعن موجب لاهور اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني جو شارٽ فال 400 ميگا واٽ آهي.ليسڪو موجب پنجاب جي ننڍن وڏن شهرن ۾ 4 کان 5 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو