بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ)سنڌ يو نائيٽڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه چيو آھي ته انگريز جي غلامي کان آزادي کانپوء ملڪ ۾ جيڪي به حڪومتون آيون انهن سنڌ جا حق کسيا آھن جڏهن ته ملڪ جي وجود ۾ اچڻ ۾ سنڌ جو وڏو ڪردار آھي هو جمع جي ڏينهن سنڌ يو نائيٽڊ پارٽي ضلع بدين طرفان ڏنل افطار پارٽي جي موقع تي ميڙ کي خطاب ڪري رهيو هو هن چيو ته پاڻي جي ورهاست لاء هڪ ادارو ٺھيل آھي پر اهو ادارو به سنڌ کي پنهنجيحصي جو پاڻي ڏيڻ لاء تيار نه آھي هن چيو ته سامونڊي پٽي جي 3لک ايڪڙ زمين تي زرداري جو قبضو آھي پيپلز پارٽي جي حڪومت ايم ڪيو ايم سان سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو معاهدو ڪيو آھي هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ سنڌ جي ترقي لاء شامل ٿيا هئاسين پر پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽين سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ريون آھن هن چيو ته سنڌ کي انتظامي ۽ معاشي طور ورهائڻ جي منصوبي تي عمل ڪرائڻ نه ڏينداسين ان منصوبي کي جڏهن به عملي جامون پهرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي ته اسان مزاحمت ڪنداسين هن چيوته سنڌ ۾ ڪرپٽ سياسي نظام آھي سنڌ جا ماڻھون اسان جو ساٿ ڏين ته سنڌ تي قابض ڪرپٽ نظام ۽ سنڌ دشمن ٽولي کان سنڌ کي آزاد ڪرائي سنڌ ۾ انصاف تي ٻڌل نظام آڻي سگهجي جيڪو نظام سنڌ جي وسيلن سنڌ جي پاڻي کي محفوظ ڪري هنسنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آھي ته ايندڙ مقاني ادارن جي چونڊن ۽ ملڪي عام چونڊن ۾ سنڌ دوست ماڻھن جو انتخاب ڪري سنڌ ۾ تبديل کي يقيني بنائن










