اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ مليڪا بخاري ۽ علي محمد خان کي آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڄ مليڪا بخاري جي آزادي جا حڪم جاري ڪيا هئا، پنجاب پوليس مليڪا بخاري کي جيل مان آزادي کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب مليڪا بخاري کي اڊيالا جيل ٻاهران گرفتار ڪيو ويو ۽ پوليس کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن علي محمد خان کي ڊسٽرڪٽ جيل جهلم ٻاهران ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، پنجاب پوليس جا اهلڪار علي محمد خان کي اڻڄاتل هنڌ وٺي ويا.










