مقدس عمارتون شهيد ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جو احتجاجي

مقدس عمارتون شهيد ڪرڻ خلاف سول سوسائٽي جو احتجاجي

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) سيوهڻ شريف ۾ حد دخلين جي آڙ ۾ مقدس عمارتن کي شهيد ڪرڻ جي خلاف سول سوسائٽي دادو طرفان پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سيوھڻ جي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالرحيم قريشي لعل باغ ڀرسان قبضو ڄاڻائي  مسجد شھيد ڪري ڇڏي آهي اسين اي سي سيوھڻ جي اھڙي عمل جي،سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ اي سي سيوھڻ خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جي گهر ڪيون ٿا دادو جي شهرين ياسر قاضي اسرار ڪابورو، منير خشڪ، شعيب شاهي، رزاق ٻٻر، علي رضا سولنگي، عامر شيخ عبدالصمد سومرو ۽ ٻين چيو ته سيوهڻ شريف ۾ عبادت گاهن کي حد دخليون ڄاڻائي ڊاهڻ اهيو سراسر عبادتگاهن جي بيحرمتي آهي هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقدس جاين درگاهن ۽ مسجدن کي شهيد ڪرڻ بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو