خان جي آزادي لاءِ ڪفن ٻڌي نڪربو، سڄو ملڪ بند ڪنداسين

خان جي آزادي لاءِ ڪفن ٻڌي نڪربو، سڄو ملڪ بند ڪنداسين

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته 9 نومبر تي آخري سڏ ڏينداسين ۽ هن ڀيري ڪفت ٻڌي نڪرنداسين. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته اسان ٻيهر منصوبو جوڙيو آهي، هاڻ هن حڪومت مان جان ڇڏائڻي پوندي. هن چيو ته 9 تاريخ تي صوابي ۾ جلسو ٿيندو، جتي حڪمت عملي ۽ آخري سڏ ڏينداسين، پرامن رهڻ تي جيڪو رويو اسان سان اختيار ڪيو ويو، اهو برداشت جوڳو ناهي، پنهنجا حق وٺي واپس ورنداسين.سندس چوڻ هو ته هاڻ جيڪو سڏ ڏينداسين اهو آخري هوندو، ڪفن ٻڌي نڪرنداسين، هيءَ فيصلا ڪندڙن سميت سڀني کي وارننگ آهي.هن چيو ته مان ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهيان ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. وڏي وزير چيو ته هر ماڻهو تجزيه نگار بڻجي ويو آهي ته ڊيل ٿي وئي آهي، منهنجو پارٽي ڪارڪنن لاءِ پيغام آهي، هي ماڻهو اوهان کي پريشان ڪندا، مان سچ ڳالهائي رهيو آهيان، سڀني کي خبر آهي ته پارٽي لاءِ ڪنهن ڇا ڪيو؟ مان توهان کي پاڻ ٻڌايان ٿو ته توهان ٻين جي چوڻ تي يقين ڇو ٿا ڪريو؟ مون سان هاڻي ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، جن وٽ آهن انهن کي جواب ڏيڻ گهرجي.ڊي چوڪ جي حوالي سان علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته مان جڏهن ڊي چوڪ کان ويس ته مون کين چيو هو ته اسان ثابت ڪري سگهون ٿا ته اسان امن سان اچي سگهون ٿا، هنن ڪي پي هائوس تي حملو ڪيو، موبائيل فون اڃا تائين واپس ناهن مليا ورتو، ڌوئي ويا، کين ڪجھ به نه مليو. هن چيو ته اڳ پشاور ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر هاڻي اهي اجلاس بدران صوابي ۾ گڏ ٿيندا. صوابي جي جلسي ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي ۽ ڪارڪنن کي ذميواريون ڏيڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو