مسمات نظيران مري جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

مسمات نظيران مري جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

نواب شاھ (ن سنڌيار)ڊي ايس پي سٽي سلطان چانڊيو پاران بي سيڪشن ٿاڻي تي ھنگامي پريس ڪانفرنس ، قتل ٿيندڙ مسمات نظيران مري جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري ڏوھ ۾ استعمال ٿيندڙ ڇري ۽ رسو برآمد ڪري ورتو ،ڊي ايس پي سٽي سلطان چانڊيو پريس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ شادي شده نياڻي 23 سالا مسمات نظيران زال رياض حسين مري جي ھفتو اڳ گمشدگي جي خلاف سندس پي نياز حسين مري پاران داخل ڪيل عدالت ۾ درخواست ڏيندي چيو ته منھنجي ڌي نظيران ۽ سندس ڇھ مھينن جو معصوم پٽ شيرباز مري کي گھر ۾ ناحق بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ ملڻ نه پيو ڏنو وڃي ۽ شڪ آھي ته منھنجي نياڻي کي ماريو نه ويو ھجي جنھن کانپوءِ عدالت پاران ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد امير سعود مگسي کي ليٽر لکيو ته مسمات نظيران ۽ سندس پٽ کي بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ايس ايس پي نواب شاھ پاران ڊي ايس پي سٽي سلطان چانڊيو جي سربراهي ۾ ۾ ايس ايس ايڇ او وومين پوليس اسٽيشن سب انسپيڪٽر مريم ڀرٽ ، ايس ايڇ او اي سيڪشن حبيب الرحمان لاشاري ، ايس ايڇ او بي سيڪشن ثناءُ الله پنهور جي سربراهي ۾ ٽيم جوڙي وئي جنھن کانپوءِ پوليس سندس مڙس جي گھر تي ڇاپو ھنيو ته مسمات نظيران نه ملي سندس معصوم پٽ بازياب ٿيو ، مسمات نظيران جي ڳولا لاء انڪوائري ڪندي دوران تفتيش سندس مڙس رياض حسين مري ، سندس سھرو رحم حسين عرف رحيم بخش مري ، سس ضميران مري پاران اعتراف ڪندي ٻڌايو ته اسان مسمات نظيران کي قتل ڪري گتي جي فيڪٽري ڀرسان لاش کي اڇلائي ڇڏيو آهي جنھن کانپوءِ جوابدارن جي نشاندهي تي لاش کي ھٿ ڪري ڏوھ ۾ استعمال ٿيندڙ رسو ۽ ڇري پڻ برآمد ڪئي وئي آهي مقتول نياڻي جي پي جي فرياد تي بي سيڪشن ٿاڻي تي ٽن جوابدارن سندس مڙس ، سھرو ۽ سس تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو