ممبئي(شوبزنيوز)ڀارتي ٽي وي جي مشهور اداڪارا دپيڪا ڪڪڙ 2018ع ۾ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيڻ تي فخر جو اظهار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ دپيڪا ڪڪڙ جي اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ فيزا نالي اداڪارا چيو ته اهو سچ آهي ته مون اسلام قبول ڪيو آهي پر مان نه ٿي سمجهان ته ميڊيا کي ٻڌائڻ جي ڪا ضرورت آهي ته ڪڏهن ۽ ڇو.”مون کي مسلمان هجڻ تي فخر آهي، اسلام کي مذهب طور چونڊڻ مڪمل طور منهنجو پنهنجو فيصلو هو، اهو فيصلو مون پنهنجي مرضيءَ سان ڪيو هو، جنهن تي مان تمام گهڻو خوش آهيان، پوءِ سوال اهو آهي ته ڇا اهو فيصلو مشڪل هوندو؟ “ اداڪارا چيو ته منهنجي فيصلي ۾ منهنجي گهروارن منهنجو ساٿ ڏنو ۽ منهنجو ارادو ڪنهن کي ڏک ڏيڻ جو ناهي، منهنجي زندگي جو هڪ خاص حصو تمام پرائيويٽ آهي جتي مان ڪنهن به قسم جي مداخلت برداشت نه ڪندي آهيان.










