ڪوچ ۽ پڪ اپ ۾ ٽڪر، 15 مسافر سڙي فوت

ڪوچ ۽ پڪ اپ ۾ ٽڪر، 15 مسافر سڙي فوت

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مسافر ڪوچ ۽ پئٽرول سان ڀريل پڪ اپ وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 مسافر سڙي  فوت ٿي ويا آهن. بلوچستان جي علائقي قلعه سيف الله ۾ ڊيره غازي کان ڪوئيٽا ايندڙ مسافر ڪوچ ۽ پئٽرول سان ڀريل پڪ اپ وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو فوت ٿي ويا. ڊپٽي ڪمشنر قلعه سيف الله مطابق حادثي بعد ٻنهي گاڏين ۾ باهه لڳي وئي جنهن سبب مسافر سڙي فوت ٿيا آهن. فوت ٿيندڙن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. جڏهن ته لاش سڙي وڃڻ ڪري انهن جي سڃاڻپ ڊي اين اي ٽيسٽ ذريعي ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو