مريم باجوا جي لاڏلي آهي، هن جَجَن جو تصويرون لڳائي توهينِ عدالت ڪئي: شيخ

مريم باجوا جي لاڏلي آهي، هن جَجَن جو تصويرون لڳائي توهينِ عدالت ڪئي: شيخ

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ چيو آهي ته اسان لاءِ 25 مئي تي اڳتي وڌڻ آسان هو، ان ڏينهن لاش ڪرن ها پر ادارا پوليس سڀ اسان جا آهن انڪري قانون کي هٿ ۾ نه کنيو. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سڄي قوم عمران خان سان گڏ بيٺل هئي، جيل ڀريو تحريڪ جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي سندن وائيس چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل به جيل ويا آهن، سندن جدوجهد چونڊون ڪرائڻ ۽ آئين کي بچائڻ لاءِ آهي.ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته گذريل ڏينهن مريم نواز ججن جون تصويرون لڳائي توهينِ عدالت ڪئي، مريم نواز باجوا جي لاڏلي آهي.سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سندن جدوجهد چونڊون ڪرائڻ ۽ آئين کي بچائڻ لاءِ آهي، اميد آهي ته اعليٰ عدليا آئين کي ٽٽڻ کان بچائيندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو