اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ مريم اورنگزيب کي وفاقي وزير بڻائڻ خلاف درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽ تي مريم اورنگزيب کي وفاقي وزير بڻائڻ خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق شهري طالب حسين جي درخواست تي فيصلو ٻڌايو.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قانون واضح آهي ته قومي اسيمبلي ميمبر يا سينيٽر وفاقي وزير بڻجي سگهي ٿو، قانون ۾ اهڙو ڪجهه به ناهي ته مخصوص سيٽ تي چونڊيل ميمبر وفاقي وزير نٿو بڻجي سگهي، اسيمبلي ميمبر کي وفاقي وزير يا مملڪتي وزير مقرر ڪرڻ وزيراعظم جو اختيار آهي.










