ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي نااهلي بحال ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ درخواستگذار محمود اختر نقوي جي عدم حاضري تي بحالي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواستگذار تي 5 هزار رپيا ڏنڊ به لڳايو.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ وڏي وزير جي نااهلي جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته مون کي فالج جو دورو ٿيو، جنهن سبب اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، منهنجي غير حاضري تي درخواست رد ڪئي وئي.درخواستگذار محمود اختر نقوي عدالت کي استدعا ڪئي ته مراد علي شاهه جي نااهلي بابت درخواست بحال ڪئي وڃي.درخواست ۾ اهو به چيو ويو ته مراد علي شاهه ٻٽي شهريت جي بنياد تي نااهلي جي درخواست داخل ڪئي آهي.










