اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪميونيڪشن ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي وزير مراد سعيد وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان کي قانوني نوٽيس جاري ڪيو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن سندس باري ۾ جيڪو ڪجهه پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ان بابت غيرمشروط طور معافي وٺي ٻئي صورت ۾ 14 ڏينهن بعد خلاف هڪ ارب روپين جي حرجاڻي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو. نوٽيس ۾ هن چيو آهي ته 10 فيبروري تي کيس وزيراعظم عمران خان بهترين پرفارمنس جي بنياد تي پهريون نمبر ڏنو هو پر ميڊيا ۾ ريحام خان جي ڪتاب ۾ مراد سعيد جي عمران خان سان ويجهن لاڳاپن جي ذڪر کي بنياد بڻائي سندس محنت ۽ ڪاميابي جي ميڊيا ۾ مذاق اڏائي سندس توهين ڪئي پئي وڃي. جنهن جي ريحام خان ترديد ناهي ڪئي. ياد رهي ته ريحام خان مراد سعيد سان عمران خان جي خصوصي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو آهي. آن لائين نيوز ايجنسي ۽ جناح اخبار جي مالڪ سينئر صحافي محسن بيگ ان تناظر ۾ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ تبصرو ڪيو هو جنهن تي ايف آءِ اي کيس کنڀي کڻي وئي هئي ۽ حراست ۾ مٿس بدترين تشدد ڪيو هو. جيڪو اڃا تائين جيل ۾ قيد آهي.










