مذاڪرات جي نالي تي قوم کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي: شيخ رشيد

مذاڪرات جي نالي تي قوم کي بي وقوف بڻايو پيو وڃي: شيخ رشيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اڳواڻ عوامي مسلم ليگ ۽ اڳوڻي وزير داخلا شيخ رشيد احمد چيو آهي ته 27 اپريل کان حڪومت جي ابتي ڳڻپ شروع آهي مذاڪرات جانسا آهن قوم کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي شيخ رشيد لکيو ته سڄا رستا عدليه مان نڪرندا حڪومت عدليه جي فيصلا قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري رهي آهي آئين ۽ قانون سان کلي بغاوت آهي، حڪومت عدليه جي فيصلن جي نافرماني تي اچي وئي آهي، عدليه کي جي حفاظت ڪرڻي آهي ۽ فيصلن تي عملدرآمد ڪرڻو آهي. هن چيو ته جڏهن حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام نه ڪري ته معاشرو خانه جنگي ۽ انتشار جو شڪار ٿي ويندو آهي، فضل الرحمان جمهوري نظام کي ختم ڪرڻ چاهين پيا. ڇو ته هو پاڻ اسيمبلي ۾ نه آهن، چونڊ کان بائيڪاٽ يا فرار ٿيڻ سپريم ڪورٽ جي سرگرميون آهن اليڪشن کان ٻاهر آهيان يا عدليه کان ٻاهر آهيان فيصلو حڪومت تي آهي اڳوڻو وفاقي وزير چيو آهي ته اليڪشن ۾ وڃڻ ۽ عوام کي منهن ڏيکارڻ جهڙا ناهيون رهيا 21 ارب ٽرانسفر نه ٿيا ته حڪومت جي اقتدار مان ترانسفر ٿي ويندا حڪومت عدليه تذليل چاهي ٿي پار رسوائي حڪومت جو مقدر آهي جيڪا مرضي ڪن عدليه کٽندي ۽ آئين ۽ قانون جي سربلندي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو