گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا جي دهشتگردي جي انت واري عدالت وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله کي دهشتگردي جي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.اي ٽي سي عدالت ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله خلاف گجرات جي انڊسٽريل ٿاڻي ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جنهن سلسلي ۾ راڻا ثناءُالله عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت جاري ڪيل نوٽيس ذريعي راڻا ثناءُالله کي اڄ طلب ڪيو هو.ٻڌڻي دوران مدعي پنهنجو بيان تبديل ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت راڻا ثناءُالله کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو.










