مداخلت نرم هجي، گرم هجي يا سخت، سڀني کي گڏجي ملڪ کي بچائڻو آهي: شيخ رشيد

مداخلت نرم هجي، گرم هجي يا سخت، سڀني کي گڏجي ملڪ کي بچائڻو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته مداخلت نرم هجي، گرم هجي يا سخت، سڀني کي گڏجي ملڪ کي بچائڻو آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته سياسي انتشار، خلفشار ۽ عدم استحڪام پاڪستان کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، هر ڏينهن قيمتي آهي.هن چيو ته سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو، ٻي صورت ۾ عوام فيصلو پنهنجي هٿن ۾ وٺندو.شيخ رشيد چيو ته مهانگائي جي شرح 38 سيڪڙو تائين وڌي وئي آهي، غريب اٽو کائي نٿو سگهي، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو بيل آئوٽ پيڪيج جلد نه آيو ته پاڪستان جي ديوال ٿيڻ جو خطرو آهي.اڳوڻي گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو تاريخ جي بدترين معاشي ۽ سياسي بحران مان گذري رهيا آهن، پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا خطرناڪ حد تائين گهٽجي ويا آهن، غريبن وٽ چولہا ناهي، بجلي جو بل ناهي، ٻارن جي فيس ناهي، غريبن لاءِ وينٽيليٽر ناهي پر سوين. ڪارخانا بند ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو