ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي خصوصي ھدايتن، سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي نگراني هيٺ واٽر بورڊ عملدارن شهر جي مختلف علائقن مان سيوريج جي گهڻين شڪايتن جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ترجمان واٽر بورڊ موجب سي اي او ۽ سي او او واٽر بورڊ پاران چيف انجنيئر سيوريج کي خاص ٽاسڪ ۽ هدايتون جاري ڪيون تہ شهر ۾ سيوريج جي مسئلن جي حل لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن، انهن هدايتن تي عملدرآمد ڪندي چيف انجنيئر سيوريج آفتاب عالم چانڊيو هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ عملو جمشيد ٽائون جي جهانگير روڊ تي ڊيسيلٽنگ ۽ 15 انچ ڊايا آر سي سي سيوريج لائين تبديل ڪري رهيو آهي جنھن سان سيوريج جي شڪايتن جو خاتمو ٿيندو، ڪياماڙي جهان آباد سائيٽ ٽائون ۾ کليل مين هولز مٿان ڍڪ لڳايا ويا ۽ لياري ٽائون يوسي 11 ۾ مين ھولز تي رنگ سليب ۽ ڪورز رکيا ويا آهن ان کان علاوه لياقت آباد ٽائون جي مختلف علائقن ۾ کليل مين هولز تي ڍڪ جڏهن تہ فرقانيا مسجد لياقت آباد ٽائون ۾ بہ ونچنگ پڻ ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي سي اي او ۽ سي او او واٽر بورڊ چيو تہ واٽر بورڊ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات پنهنجا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي جڏهن تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ جي خاص هدايتن تي واٽر بورڊ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا سمورا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي.










