مختلف شهرن ۾ واقعا ۽ حادثا 4 فوت 40 زخمي

مختلف شهرن ۾ واقعا ۽ حادثا 4 فوت 40 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن م خودڪشين، روڊ حادثن ۽ واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 40 زخمي ٿي پيا. بوزدار وڏا ۾ با اثر جي پالتو ڪتن بيواهه جون 2 ٻڪريون ماري ڇڏيون ***لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي حد پي ٽي ايس روڊ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪن وچ ۾ آمهون سامهون خوفناڪ ٽڪر سبب الله آباد گوليمار گهٽي جو رهواسي 32 سالا قمر الدين پٽ محمد بچل کوکر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي موجب اقليتي ڪالوني ۾ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي 25ورهين جي نوجوان اجمل ولد ٻيجل ڪولهي زهريلي زرعي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي ڊاڪٽرن کيس بچائي ورتو.

***) ميهڙ مان غلام حسين پنھور موجب انڊس هاء وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر ميهڙ جي ڳوٺ لونگ مهيسر جو رهواسي ممتاز مهيسر سخت زخمي ٿي ويو جڏھن ته ڪوچ ٽڪر هڻڻ بعد فرار ٿيڻ دوران ميهڙ پوليس پاران ڪوچ جو پيڇو ڪري ڌامراه واه وٽ ڪوچ کي سوگهو ڪري ڪوچ ۽ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. ***ٺل جي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالڪريم کوسو ۾ نامعلوم جوابدارن پاران مبينا طور نوجوان غلام مرتضي کوسو کي گوليو هڻي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي مقامي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو . ***ڪوٽڙي ڪبير مان پرويز حسين ڀنڊ موجب ڳوٺ حيات سھتو واسي مرحوم سخي ڊاڪٽر مسعود احمد , پ پ اڳواڻ انجنيئر ذوالفقار علي , يوسي ڪوٽڙي ڪبير چيئرمين حاجي ارشاد احمد ۽ نثار احمد سھتو جو ڀاء ۽ سابق يوسي ڪوٽڙي ڪبير  ناظم انجنيئر ممتاز علي سھتو جو سوٽ رئيس منور حسين سھتو  دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. ***ٺل جي ڳوٺ الهڏنو ٻرڙو ۾ چار ورهين جو نينگر عصمت الله ولد هدايت الله ٻرڙو گهر ٻاهران ٺهيل پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. *** جيڪب آباد ۽ شڪارپور مين روڊ آباد اسٽاپ ويجهو هڪ مسافر وين جيڪب آباد کان ڪنڌڪوٽ ويندي  ٽريڪٽر ٽرالي کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي. نتيجي ۾ مبارڪپور شهر واسي هڪ  عورت ثمينا ۽ ٻن ٻارڙن مدثر ڀٽو، نويد ۽ حبيب الله ڀٽو سميت 13 ڄڻا بشير احمد ، قادربخش۔ محمد شريف ڪريم دين ۔غلام حسين ۔ عبدالعزيز محمد بخش ۽ ٻيا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي جيڪب آباد جي سول اسپتال پهچايو. *** مريدشاخ مان شيرباز شر موجب اوٻاوڙو لڳ رونتي ٿاڻي جي حد سيپيڪ 491 دلوارو وٽ تيز رفتار مزدا جو ٽرالر کي پويان ٽڪر مزدا ڊرائيور محمدارشد ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

 موٽروي ۽  رونتي پوليس پهچي  ڊرائيور منيرنائچ کي ٽرالر سميت  حراست ۾ ورتو. ڊرائيور پنجاب لاهور کان روهڙي  مال مويشي کڻڻ لاء وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو. ***ڀرياسٽي مان شمشاد علي منگي  موجب سکر جي علائقي بچل شاه مياڻي کان سيوهڻ زيارت تي ويندڙ ويندڙ مسافر سزوڪي ڀرياسٽي ڀرسان قومي شاهراه تي ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي جنهن نيتجي معصوم ٻارڙا عورتون مردن سميت 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ ۔ نديم جتوئي ۔ غازي خان جتوئي ۔ اسد جتوئي ۔ نسيم جتوئي ۔ مسمات مرادان ۔ ناديه۔ حضوران ۔ عابد جتوئي ۽ ٻيا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي ڀرياسٽي پوليس۔پوليس موبائيل ۾ کڻي اسپتال پهچايو ويو ۔ ۔۔۔۔جڏهن ته ته ٻن ڄڻن۔ 10 ساله فداحسين جتوئي ۔ ۽ 12 ساله وسيم احمد جي حالت گڻتي جوڳي هئڻ ڪري گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو. *** ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب  مويا شهر ۾ مسافر بس تي چڙهندي ستن سالن جي معصوم نينگري شاهين انڙ ڌي خدا بخش انڙ پير ترڪڻ سبب بس هيٺان اچي   چيڀاٽچي فوت ٿي ويئي جڏهن ته بس ڊرائيور  عباس خاصخيلي موقعي تان فرار ٿي ويو پوليس ڪسسٽڊي ۾ ورتو ويو آهي. ***چوهڙ جمالي مان سليم ملاح موجب شاھ يقيق روڊ تي ڪاري موري واسي علي محمد عرف ڪارو خاصخيلي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي بائي پاس روڊ تان اچي رهيو هو ته سامهون ڪتو اچڻ ڪري ڪتي کي بچائيندي موٽر سائيڪل سلپ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 26 سالا نوجوان علي محمد عرف ڪارو خاصخيلي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. *** ڊگهڙي ڀرسان العباس شگر مل وٽ مزدا جو اُٺ گاڏي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ اٺ گاڏي تي سوار ميرواھ گورچاڻي جو رهواسي الله رکيو ولد حسن الدين سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي رورل هيلٿ سينٽر ميرواھ گورچاڻي ۾ طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ميرپورخاص ريفر ڪري ڇڏيو جڏهن ته مزدا ڊرائيور گاڏي ڇڏي فرار ٿي ويو مزدا کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي*** شيخ ڀرڪيو مان مظفر علي بروهي موجب چمبڙ ٽنڊوالھيار مين روڊ تي شادي جي تقريب ۾ ويندڙ چمبڙ واسين جو پوليس چيڪ پوسٽ اڇي مسجد وٽ ڪار ۽ ٽرڪ جو زوردار ٽڪر ٿي پيو. نتيجي ۾ چمبڙ جي ڳوٺ ماڻڪ لنجواڻي واسي مھراڻ ڪار ڊرائيور فتح علي لنجواڻي موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن ته ڪار ۾ سوار شادي جي تقريب ۾ ويندڙ ڪولھي برادري جي ھڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا ڏيوو شريمتي ٻائي زال دودو ڪولھي جانبو زال ڏيوو ڪولھي؛ رام ٻائي زال نارو؛ سوني ڌي ڏيوو ڪولھي عاشي ڌي ڏيوو ڪولھي؛ انيتا پپو ڪولھي سخت زخمي ٿي پيا جن کي پوليس اسپتال پهچايو.جتان زخمين کي نازڪ حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.***بوزدار وڏا مان حسين ٽانوري موجب ڳوٺ نواب خان خاصخيلي جي رهواسين حاجي فيض محمد خاصخيلي، رکيل خاصخيلي، عبدالستار خاصخيلي، دل احمد خاصخيلي، ۽ ٻين بوزدار وڏا مٽ لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته گذريل رات بااثر شخص جا پالتو ڪتا مرحوم نور محمد خاصخيلي جي بيواھ عورت پاران پاليل ڀلوڙ نسل جي ٻن ٻڪرين کي کائي اڦٽ ماري ڇڏيو. اسان اهڙو اطلاع بااثر شخص کي ڏنو پر هن ڪو به تدارڪ نه ڪيو جنهن بعد واقعي جو اطلاع بوزدار وڏا ٿاڻي تي ڏنو پوليس فوٽو ڪڍي هلي وئي ڪو ايڪشن ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو