محرابپور(محمداسلم نانگور) اسٽنٽ ڪمشنر اظھر حسين لغاري جي سربراهي ۾ ٽيم تعلقي محرابپور جي شهرن هالاڻي، ڪوٽري ڪبير ۽ لاکاروڊ ۾ رمضان آرڊنيشن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هوٽلن پڪوان سينٽر، سبزي فروٽ ۽ ڪريانا جي دڪانن تي ڇاپا هڻي خلاف ورزي ڪندڙن تي ڏنڊ هنيو. اسٽنٽ ڪمشنر اظھر حسين لغاري ٻڌايو ته واڌو ريٽ وٺندڙن خلاف ڪاروايون جاري آھن. اهڙين ڪاروائي بعد شھر ۾ گهرو استعمال جي شين جي اگهن ۾ فرق پيو آھي. ٽيم ۾ مختيارڪار قربان ميراڻي ۽ اسٽنٽ مختيارڪار سراج الدين هرياھ ۽ ٻيا روينيو آفيسر شامل هئا.
مشهور خبرون










