شڪارپور (عبدالخالق سومرو) نامياري اديب مرحوم خليل مورياڻيءَ جي ياد ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور پاران جگن ناٿ لائبرريءَ ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي نامور اديب اسرار احمد علوي چيو ته خليل شڪارپور جو عاشق ۽ اندر جو اجرو انسان هو هن نه ته ڪڏهن ڪنهن کي تڪليف ڏني نه ئي ڪنهن جي گلا ڪئي هو ماڻهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو. خليل مورياڻيءَ جي ويجهي مائٽ ۽ شڪارپور جي مسجدن ۽ عيد گاهن جي حوالي سان تحقيقي ڪتاب لکندڙ عبدالحئي مورياڻي چيو ته خليل مورياڻي نه رڳو ادبي پر مذهبي خدمتون به ڪيون آهن هن ٻه ڀيرا عمرا ڪيا سکر، گهوٽڪي ۽ شڪارپور ۾ مسجدون به جوڙايون. خليل مورياڻي جي ڀاڻيجي فهد مورياڻي چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور بابت انگريزيءَ ۾ لکيل ۽ ڇپيل مواد سهيڙي ڪتاب ڪمپوز ڪرايو هو جيڪو جلد شايع ڪرائبو. نامياري صحافي ۽ ايڊيٽر عبدالحميد منگي جو چوڻ هو ته مورياڻي صاحب جيترو باشعور هو اوترو ئي بهترين انسان به هو خليل صاحب جسماني طرح جدا ٿيو آهي پر ان جو پورهيو اسان وٽ موجود آهي. سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ۽ جديد غزل جي شاعر سجاد مهر چيو ته خليل مورياڻي پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن ۽ اڪيلائيءَ سان پيار ڪندڙ انسان هو. ڪالمسٽ نسيم بُخاري چيو ته خليل مورياڻي سٺو نثر نويس به هو هن جي ”جاگيرداراڻي جبر هيٺ” ڪتاب جي لکيل مهاڳ تي اديب ريس ڪندا آهن هن هندستاني سفرنامو به لکڻ پئي چاهيو ۽ ان حوالي سان ابتدائي تحرير رقم ڪئي هئائين. ڪالمسٽ ممتاز منگي چيو ته دنيا جي وڏن اديبن جيان خليل مورياڻيءَ پڄاڻان ان جو ذاتي گهر ميوزيم ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي جيڪڏهن اهو ممڪن نه هجي ته سندس ذاتي لائبرريءَ جا ڪتاب جگن ناٿ لائبرريءَ ۾ رکي هڪ ڪارنر قائم ڪيو وڃي. ڪالم نگار عديل مهر چيو ته خليل مورياڻي شڪارپور جو تعارف قلمي انداز ۾ ڪرائي وڏو ڪم ڪيو آهي خليل جو جسم ڀل قبر ۾ لهي ويو هجي پر خليل خود پاڻ اسان جي روح ۽ دل ۾ لهي ويو آهي. شاعر حسام ميمڻ چيو ته خليل صاحب جو تحقيقي ڪم ته گهڻو ڪيل آهي پر تخليقي ڪم گهٽ ٿيو آهي. پروفيسر خالد ويسر چيو ته تحقيق به هڪ قسم جي تخليق ئي هوندي آهي خليل مورياڻي تعلقات رڳو رکڻ نه ڄاڻيندو هو پر اهي نڀائڻ جو آرٽ به رکندو هو. پروفيسر شريف شاد چيو ته هاڻ شڪارپور جون شامون ۽ ميلا خليل کان سواءِ خالي خالي ۽ اڪيلا ٿي ويا آهن. ڪالم نگار همير چانڊيو چيو ته خليل اسان جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو هن جون خدمتون ۽ شڪارپور سان عشق سدائين سدابهار رهڻو آهي. پروگرام ۾ فنڪار شاهد سومرو خليل مورياڻيءَ کي گيت ڳائي ڀيٽا پيش ڪئي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ همير چانڊيو ڪئي جڏهن ته ارشاد شيخ، آزاد جوکيو، آصف شيخ، شمس سنجراڻي، ڪاشف اوڍو، شهاب الدين سنجراڻي، مقصود ميراڻي، مختيار سومرو، وحيد بروهي، عبدالسميع چنه، نادر بلوچ، نويد سومرو، وقار سومرو، خالد ڀٽي سميت سياسي سماجي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي..










