مبينه مقابلي ۾ گرفتار ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

مبينه مقابلي ۾ گرفتار ٿيل نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

سکر(جئيرام داس) سائيٽ ايريا ۽ آباد ٿاڻي جي پوليس مبينا پوليس مقابلي ۾ نوجوان ارشاد شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. جڏهن ته نوجوان جي وارثن پاران وڏي تعداد ۾ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين آباد، سائيٽ ايريا پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا، مظاهرين ۾ عورتون، مرد ۽ ٻار شامل هئا. ان موقعي تي مسمات ساجدا شر، غلام مرتضيٰ، علي حسن ۽ ٻين ٻڌايو ته ڇنڇر ڏينهن ارشاد شر پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات لاءِ سکر سينٽر جيل هڪ ۾ آيو هو موٽر سائيڪل تي واپس شڪارپور ڳڙهي ياسين اچي رهيو هو ته سکر باءِ پاس وٽ آباد ۽ سائيٽ ايريا پوليس ڊي ايس پي سائيٽ عبدالستار ڦل، ايس ايڇ او آباد مشتاق جتوئي ۽ ايس ايڇ او سائيٽ ارشاد شر کي زبردستي گرفتار ڪري سائيٽ ايريا ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو هو رات جو دير سان سائيٽ ايريا جي ڊي ايس پي عبدالستار ڦل فون ڪري نوجوان کي آزاد ڪرائڻ لاءِ 5 لک روپيا رشوت گھري، رشوت نه ڏيڻ تي پوليس کيس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي سڄي ٽنگ ۾ گوڏي هيٺان گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته ارشاد شر تي ڪنهن به ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ناهي. سکر پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ارشاد خلاف 6 ڪيس داخل هجڻ ڄاڻايو آهي. اسان واقعي خلاف پوليس جي اعليٰ عملدارن کي پڻ شڪايت ڪئي آهي پر پوليس اڃا تائين زخمي ڪيل نوجوان ارشاد شر کي آزاد ناهي ڪيو. ٻئي طرف سکر پوليس جي پريس ترجمان مير بلال لغاري پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون دعويٰ ڪئي آهي ته سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ليبر ڪالوني واري علائقي ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلي بعد جوابدار ارشاد شر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو