ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيب پاران آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف جعلي اڪائونٽ ڪيس ۾ ضمني ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي.***شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي وارن پلي بارگين هيٺ 5 ڪيسن ۾ پيسا ڏيڻ شروع ڪيا آهن، نيب قومي خزانو ڀري رهيو آهي.*** سيد قائم علي شاهه کي 4 دسمبر تي نيب ڪرپشن ڪيس جي جاچ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.*** سنڌ جي زراعت واري وزير اسماعيل راهو وفاقي حڪومت کان ماڪڙ خلاف اسپري ڪرڻ لاءِ 3 جهاز ۽ 32 گاڏيون طلب ڪري ورتيون آهن ۽ چيو آهي ته جلد وفاق مدد نه ڪئي ته ماڪڙ سنڌ م فصل تباهه ڪري ڇڏيندي.*** ايم ڪيو ايم جي گرفتار دهشتگرد ٺيلهي واري پاران جيل ۾ مراد علي شاهه جي ملاقات واري دعويٰ بعد وڏي وزير جي جاچ واري حڪم موجب جاچ جاري آهي. غفلت جي الزام هيٺ ان پريس ڪانفرنس جو اهتمام ڪندڙ اظفر مهيسر کي سنڌ بدر ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي حڪم ملي چڪو آهي.










