ممبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين جي فلم ‘صنم تيري قسم’ جيڪا تازو شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي آهي، ان کي هندستاني سينيما ۾ ٻيهر رليز ڪيو ويو آهي، ‘صنم تيري قسم’ هندستاني سينيما ۾ ٻيهر رليز ڪئي وئي آهي، فلم پنهنجي رليز کان اڳ 88,000 ٽڪيٽون وڪرو ڪيون، جنهن سان اڳوڻو اوپننگ رڪارڊ ٽوڙيو،فلم جيڪا پهرين 2016 ۾ رليز ٿي هئي، ان جو ڪل ڪاروبار 80 ملين هندستاني رپيا هو، پر هاڻي 7 فيبروري تي ٻيهر رليز ٿيڻ کان پوءِ صرف 2 ڏينهن ۾ 90 ملين کان وڌيڪ ڪمائي ڪئي آهي،فلم ‘ صنم تيري قسم” جيڪا 5 فيبروري 2016 تي رليز ٿي، 1982ع ۾ ٺهندڙ فلم ‘صنم تيري قصام’ جو ريميڪ هئي، جنهن ۾ اداڪار ڪمل هاسن ۽ اداڪاره رينا راءِ اداڪاري ڪئي هئي. فلم جي شوٽنگ ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ ٽائون ۾ ڪئي وئي هئي.










