اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيپرا سڄي ملڪ لاءِ ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي سستي ڪري ڇڏي. ڪراچي لاءِ في يونٽ بجلي 4 رپيا 3 پيسا، جڏهن ته باقي ملڪ لاءِ 50 پيسا في يونٽ سستي ڪئي وئي آهي. نيپرا پاران بجلي اگهن ۾ ماهوار ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ گهٽتائي جا ڌار ڌار نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته بجلي واهپيدارن کي ان گهٽتائي جو رليف جولاءِ جي بلن ۾ ملندو. ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن لاءِ اها لاٿ اپريل 2025 جي ماهوار ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باقي ملڪ لاءِ بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي مئي 2025 جي ايڊجسٽمينٽ تحت ڪئي وئي آهي.










