ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلوچ سماجي ڪارڪن ماهه رنگ بلوچ جي درخواست تي ڊي آءِ جي ايسسٽ کي انڪوائري جو حڪم ڏيندي 2 هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ايس ايس پي انويسٽيگيشن عدالت ۾ پيش ٿيو، ايس ايس پي انويسٽيگيشن رپورٽ ۾ چيو ته ماهه رنگ بلوچ جا لڳايل الزام ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، پوليس نه ته ماهه رنگ بلوچ کان موبائل فون کسيو، پرس کسي ۽ نه ئي ڪوئي ٻيو سامان کسيو، عدالت ڊي آءِ جي ايسٽ کي انڪوائري جي حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت انڪوائري جي ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت به ڪري ڇڏي آهي.










