اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو)تعليم جي وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته مارچ ۾ ٿيندڙ امتحانن ۾ دير ٿي ويندي.تعليم جي وزير جو چوڻ هو ته 4 جنوري تي بين الصوبائي تعليم جا وزير ۽ اين سي او سي اجلاس ۾ فيصلو ڪنداسين.هن چيو ته صحت جي وزارت جي تجويزن کانسواءِ تعليمي ادارا نٿا کولي سگهون، اسان کي ٻارن، استادن ۽ اسٽاف سميت سڀني صحت جو خيال رکڻو آهي.صحت جي وزارت جي بريفنگ تي تعليمي ادارن جي کولڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، خانگي تعليمي ادارن جي تڪليفن جو ادراڪ آهي ان ڪري ئي انهن کي پيڪيج ڏئي رهيا آهيون.هن جو چوڻ هو ته ڪورونا جي ڪري اسڪول حاضري جي بجاءِ آن لائن نظام تي وڃڻو پيو، آن لائن نظام وڃڻ کانپوءِ ڪافي شهرن ۾ شاگردن کي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو.










